Wn/sd/گلگت بلتستان

From Wikimedia Incubator
< Wn‎ | sd
Wn > sd > گلگت بلتستان

گلگت بلتستان (Gilgit Baltistan) پاڪستان جو اُتريون علائقو آهي۔ تاريخي طور تي هي ٽِن رياستن تي مشتمل هيو يعني هنزا، گلگت ۽ بلتستان۔ 1848ء ۾ ڪشمير جي ڊوگرہ سک راجا هنن علائقن تي زبردستي قبضو ڪري ورتو ۽ جڏهن پاڪستان آزاد ٿيو ته هِن وقت هي علائقو ڪشمير جي زيرِ نگين هيو۔ 1948ء ۾ هِن علائقي جي ماڻهن خود لڙائي ڪري آزادي حاصل ڪئي ۽ پنهنجي مرضيءَ سان پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪئي۔آزاديءَ کان بعد هي علائقو هڪ گمنام علائقو سمجهيو ويندو هيو، جنهنکي شمالي علائقا، يا اُتريان علائقا چيو ويندو هيو، پر زرداري جي حڪومت هِن خطي کي نيم صوبائي اختيارات ڏنا ، جڏنهن هتي جا ماڻهو مڪمل صوبائي حيثيت چاهين ٿا۔ هي پاڪستان جو واحد خِطو آهي جنهن جون سرحدون ٽِن ملڪن سان ملن ٿيون، اهڙِي ريت پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ ڀارت سان ٽي جنگيون 48 جي جنگ ،ڪارگل جنگ ۽ سياچين جنگ انهيءَ خطي ۾ وڙهيو آهي انهيءَ وجہه کان هي علائقو دفاعي طور تي هڪ اهم علائقو آهي ، اهڙي ريت هتي کان تاريخي شاهراهه ريشم گزرندي آهي۔2009ء ۾ هن علائقي کي آزاد حيثيت ڏئي ڪري پهرئين دفعي هِتي چونڊون (انتخاب) ڪرايون ويون۔ جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ سيد مهدي شاهه پهريون وزير اعليٰ Template:ا منتخب ٿيو

گلگت بلتستان جون خبرون[edit | edit source]