Wn/sd/ایشیا

From Wikimedia Incubator
< Wn‎ | sd
Wn > sd > ایشیا

ايشيا, (انگريزي ٻولي: Asia) دنيا جو سڀ ايراضي ۽ آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو کنڊُ آهي. هي زمين جي ڪل ايراضي جو 8.6 سيڪڙو آهي، خشڪي جو 29.4 سيڪڙو ۽ ڪل آبادي جو 60 سيڪڙو حصي جو حامل آهي. ايشيا روايتي طور تي يوريشيا جو حصو آهي جنهن جي اوله وارو حصو يورپ آهي. عام طور تي ارضياتي ماهر ۽ طبعي جاگرافي دان ايشيا ۽ يورپ کي الگ کنڊ تصور نه ڪندا آهن ۽ زمين جو هڪ وڏو حصو قرار ڏيندا آهن. جاگرافي ۾ ٻه مڪتبه فڪر آهن هڪ تاريخي حوالن جي تحت يورپ ۽ ايشيا کي الگ کنڊ قرار ڏيندو آهي جڏهن ته ٻيو يورپ جي لاء کنڊ ۽ ايشيا جي لاء خطي جو لفظ استعمال ڪندو آهي.